پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تاريخي ترقياتي منصوبن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن لاءِ سالياني ترقياتي بجيٽ کي وڌائي هلندڙ سال 54 ارب روپيا ڪيو، عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگائي وڌي، حڪومت عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي ??زي??، خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو ??زي??، صوبائي ڪابينا جا ميمبر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا عهديدار به موجود هئا. ??زي??اعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تاريخي منصوبن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ضم ٿيل ضلعن جي سالياني ترقياتي بجيٽ کي 2018ع جي 24ا رب جي سطح کان وڌائي هلندڙ سال 54 ارب روپيا ڪيو، هن چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. حڪومت مهانگائي جي اثرن کي ماڻهن تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ??زي??اعظم چيو ته پاڪست??ن ۾ سياحت ۾ اضافو ٿيو آهي، حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحتي ماڳن جي نشاندهي ڪري چڪي، جلد سياحتي ماڳن جي ترقي لاءِ منصوبا شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته صحت ڪارڊ، ضروري شين تي مستحق خاندانن کي رعايت، تعليمي سهولتن ۾ بهتري حڪومت جي فلاحي رياست جي قيام جي واعدي جي تڪميل جو سنگ ميل آهي. ملاقات ۾ حڪومت صوبي ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، شرڪت ڪندڙن ??زي??اعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، بريفنگ دوران ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت تاريخي منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، 20 ارب جي لاڳت سان منصوبي بجلي جي پهچ واري نظام ۾ جدت ۽ بهتري آڻيندو، صوبائي سطح تي سستي بجلي جي منصوبن ۽ گهٽ اگهن تي آف گرڊ فراهمي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستانت حريڪ انصاف جي گذريل حڪومتي دور وانگر ڏورانهن عائقن ۾ پن بجي جا ننڍا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن، انهن منصوبن سان انهن ڏورانهن علائقن ۾ به سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي، جتي ٽرانسميشن لائن موجود نه آهن، ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته ??شمه رائٽ بئنڪ ڪنال جو منصوبو به حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، منصوبي جي تڪميل سان لکين ايڪڙ زرعي زمين کي پوکي جي قابل بڻائي سگهجي ٿي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رشڪئي صنعتي ??ون مڪمل طور تي فعال ٿي چڪو آهي، حڪومت 6 وڏن صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي، ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته نوجوانن کي آءِ ٽي شعبي ۾ روزگار جي فراهمي ۽ ملڪي آءِ ٽي برآمدات وڌائڻ لاءِ خيبرپختونخوا ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون?? جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ مستحق خاندانن ۾ احساس راشن رعايت پروگرام جي ورهاست جو آغاز ٿي چڪو آهي، ڪارڊ تحت خيبرپختونخوا جا مسحتق خاندانن کي هر مهيني ضروري شين تي هڪ هزار روپين تائين جي رعايت ڏني ويندي، ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن، اجلاس کي خيبرپختونخوا ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ شروع ڪيل منصوبن ۽ اهم شاهراهن ۽ رابطا رستن جي تعمير تي اڳڀرائي کان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، ??زي??اعظم ترقياتي منصوبن جو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ يقيني بڻائڻ ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تاريخي ترقياتي منصوبن جو آغاز ڪيو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado