اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختون??وا مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار شوڪت ترين وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو، 145 جي ايوان ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين 87 ??وٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، اي اين پي جي شوڪت اميرزاده ۽ جمعيت علماءُ اسلام جي اميدوار ظاهر شاهه 13، 13 ??وٽ حاصل ڪيا 9 ??وٽ رد ڪيا ويا تحريڪ انصاف ايوب آفريدي جي سينيٽ جي سيٽ تان مستعفي ٿيڻ تي شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏنو هو جڏهن ته اي اين پي جو شوڪت اميرزاده، پي پي جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه ناڻي واري صلاحڪار جي سامهون مقابلي ۾ هئا، خيبرپختون??وا جي اطلاعات واري خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف سينيٽ ضمني اليڪشن ۾ ڪاميابي تي شوڪت ترين کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شوڪت ترين وڏي اڪثريت سان کٽڻ عمران خان جي پاليسين جي فتح آهي، وڏي وزير محمود خان جي قيادت ۾ صوبائي حڪوم?? هر مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، شوڪت ترين ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.
خيبرپختونخوا مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي شوڪت ترين ڪامياب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر