اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي موسمياتي تبديلي پاليسي 2021ع ۽ قومي وائلڊ لائيف پاليسي 2021ع جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ??ئي آهي ته مارگلا جبلن تي هڪ خصوصي زون کي چيت?? جي تحفظ ج?? علائقو قرار ڏنو وڃي جڏهن ته اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وائلڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽ?? جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان 10 ارب سونامي ٽري پروگرام جي ڪري ”گرين چيمپئن“ جي حيثيت سان پنهنجي ساک قائم ڪي آهي، دنيا کي اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديل?? جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ اسان جي حڪومت 10ا رب سونامي ٽر?? جي شروعات ڪئي ۽ هاڻي پوري دنيا اسان جي نقش قدم تي هلي رهي آهي، هن چيو ته عالمي برادري موسمياتي تبديل?? جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حقيقت پسنداڻي ۽ ٺوس قدمن کي ساراهي رهي آهي. وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري وزارت کي هدايت ??ئي ته قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ مقرر هدفن جو جائزو ورتو وڃي ۽ گهربل وڌيڪ فوري قدمن جي حامل هدفن ٺاهيا وڃن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي قومي پارڪن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي ۽ اسان کي تربيت يافته افرادي قوت کي شامل ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ”قومي موسمياتي تبديلي پاليسي 2021ع“ ۽ ”قومي وائلڊ لائيف پاليسي 2021ع“ جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ??ئي ته مارگلا جبلن ۾ هڪ خصوصي زون کي چيت?? جي تحفظ ج?? علائقو قرار ڏنو وڃي، هن اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وائلڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منطوري ڏني، وزيراعظم مختلف وزارتن جي وچ ۾ ڪوششن کي جامع بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي خاتم?? جي حل لاءِ هڪ ٿنڪ ٽينڪ جي قيام جي به هدايت ??ئي، هن ماحولياتي تحفظ جي لاءِ ملڪ امين اسلم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان شعبي پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم اجلاس کي اين ڊي سي، موسمياتي تبديل?? جي پاليسي، قومي وائلڊ لائيف پاليسي ۽ گرين ڪلائميٽ ڊپلوميس?? جي باري ۾ تفصيل کان آگ??هه ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ش??هه محمود قريشي، سيد فخر امام، محمد حماد اظهر، چوڌري مونس الاهي، قومي سلامت?? جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي ۽ سنڌ جو ماحوليات وارو وزير اسماعيل راهو وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
مارگلا جبلن تي هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ