ڪول??بو – 23 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا، واپار، دفاعي تعاون، سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان ڪالهه اڱاري ڏينهن سريلنڪا جي وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي سان ٽمپل ٽريز (وزيراعظم جي آفيس) ۾ وسيع مشاورت ڪئي. ٻ??هي وزيراعظمن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات کانپوءِ ٻ??هي ڌرين جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳا??هه ٻولهه ٿي. ٻ??هي اڳواڻن ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام ۽ معاشي خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ وسيع البنياد ۽ پائيدار حصيداري کي سگهه ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻ??هي اڳواڻن وسيع شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جي تصديق ڪئي. انهن واپار ۽ سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ انساني وسيلن جي ترقي، زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ۽ ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ گڏيل ڪارائتي تعاون جي تمام گهڻن موقعن ۽ وسيع امڪانن جو اعتراف ڪيو، پاڪستان جي ٻڌمت ورثي ۽ مذهبي سياحت جي صلاحيت کي ساراهيندي مهمان نوازي جي صنعت، تربيت ۽ هنرمندي ۾ مهارت جي حصيداري ??ان گڏيل تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻ??هي ڌرين گهڻ رخي شعبي ۾ ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورين سطحن تي اسٽريٽجڪ مواصلات ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو عزم ڪيو. ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي رفتار کي برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ٻ??هي ڌرين مشاهدو ڪيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا غيرمعمولي ڪوويڊ 19 وبائي بيماري کي منهن ڏيڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. عالمي ڏس ۾ ان وبائي مرض جي منفي سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قرض بابت امداد تي عالمي قدم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم افغانستان ۾ تڪرار جي سياسي حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر طرف کان تعميري مشغوليت تي پڻ زور ڏنو. جيو اسٽريٽجڪ مان جيو اڪنامڪس طرف پاڪستان جو ڌيان ڇڪرايو ويو. پاڪستان جي معاشي تحفظ جي موقف جي ٽن ٿنڀن امن، ترقي جي حصيداري ۽ رابطي تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم ڳا??هه ٻولهه ذريعي تڪرارن جي حل ۽ ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان اڳتي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻ??هي ڌرين سارڪ ميثاق جي اصولن ۽ مقصدن سان وابستگي کي ورجايو ۽ ان جي اهميت تي اتفاق ڪيو. علائقائي تعاون جي لاءِ سارڪ جي عمل کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان سريلنڪا ۾ سندس ۽ وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران خان وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي کي پاڪستان جي دوري ??ي دعوت ڏني. ٻ??هي اڳواڻن سياحت، سيڙپڪاري، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون تي اهم مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري ??قريب پڻ شرڪت ڪئي. بعد ۾ ٻ??هي اڳواڻن گڏيل طور تي صحافين سان ڳا??هه ٻولهه ڪئي. ان اجلاس کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وفد جي مان ۾ وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي جي ميزباني ۾ مانجهاندي جو اهتمام ڪيو ويو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز