اسلام آب??د – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقع?? تي پوري قوم ۽ ملت اسلاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقع?? تي قرباني جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته حق جي راهه تي هلڻ ۽ استقامت اختيار ڪرڻ ۾ اسان کي جيڪي به مشڪلاتو?? پيش اچن ۽ جهڙي به قرباني ڏيڻي پوي اسان ان کان نه ڪيٻائينداسين. عيدالاضحيٰ جي موقع?? تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا هن وقت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهي آهي. ڪوورنا وائرس جي وبا سڄي انسانيت جي لاءِ چئلينج بڻجي آئي آهي. منهنجي پاڪستاني قوم کي اها درخواست آهي ته قرباني جي عيد جي موقع?? تي سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي قرباني جو واجب سرانجام ڏيندي غريب ۽ ضرورتمند طبقي کي به پاڻ سان شامل رکي. منهنجي الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو ان وبا کي منهن ڏيندڙ سمورن ماڻهن جي حفاظت فرمائي ۽ انهن کي بهترين اجر عطا فرمائي ۽ اسان کي جلد کان جلد ان مان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.
وزيراعظم پاران عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری