اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يمتي پٿرن جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جي حل ۽ ان جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان ??وازيو آهي، قيمتي پٿرن جي شعبي جي فروغ سان ??ه رڳو نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سا?? ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي. هو ملڪ ۾ موجود مختلف جواهر جي قدرتي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجود قيمتي پٿرن (زمرد، لعل، ياقوت، نيلم) جي تصديق ٿيل ذخيرن، شعبي ۾ ريسر?? اينڊ ڊولپمينٽ، جواهر جي حوالي سان ??رڏيهي سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ ان ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. قيمتي جواهر جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيت مان ??ڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ ان حوالي سا?? ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي ڏس ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ لاڳاپيل ايشوز تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان ??وازيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ??اضي ۾ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڪو ڌيان ??ه ڏنو ويو. جواهر جي شعبي جي فروغ سان ??ه رڳو ان سيڪٽر ۾ نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سا?? مل?? جي روانگي واپار ۾ اضافي ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي.
قيمتي پٿرن جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جي حل ۽ فروغ بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II