اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي شعبي ۾ تحقيق جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي و??يلن جو رخ علاج کان وڌيڪ بيمارين جي روڪٿام طرف موڙڻو پوندو، پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي تحقيقي هجڻ ??هر??ي جنهن سان ملڪ جي صنعت ۽ ٻيا شعبا به فائدو کڻي سگهن، بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا جي ذريعي باضابطه مهم شروع ڪئي وڃي. هو پاڪستان هيلٿ ريسرچ ڪائونسل ۽ نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري و??ارت جي اهتمام هيٺ پهرين سالياني هيلٿ ريسرچ ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خط??ب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا