لنڊن – 15 جنوري (اي پي پي) ??ني?? جي پنج امير ترين مردن جي دولت ۾ 2020 کانپوءِ ٻيڻو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ان ئي عرصي ۾ ??ني?? جي 5 ارب آبادي غربت جو شڪار ٿي. اردو نيوز مطابق برطانوي امدادي اداري اوڪسفيم جي رپورٽ مطابق انهن پنج شخصيتن جي مجموعي دولت 405 ارب ڊا??ر هئي جيڪا 2020 کانپوءِ کان وڌي 860 ارب ڊا??ر ٿي وئي آهي. رپورٽ مطابق ان ئي عرصي ۾ ??ني?? جي اٽڪل پنج ارب آبادي غريب کان غريب تر هوندي وئي. ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي سومر تي جاري ڪيل ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2020 جي ڀيٽ ۾ اڄ ارب پتي ما??هن جي دولت 3.3 ارب ڊا??ر وڌيڪ آهي جڏهن ته ٻئي پاسي ان ڏهاڪي جي شروعات کان ئي ??ني?? جي معيشت ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار رهي جنهن ۾ پهرين نمبر تي ڪورونا وائرس جي عالمي وبا هئي. اوڪسفيم ان رپورٽ ذريعي عالمي سطح تي وڌندڙ اڻ برابري جي مسئلي ڏانهن ڌيان ڏياريو آهي جڏهن امير ڪمپنيون ۽ ما??هو وڌيڪ دولت گڏ ڪرڻ سان گڏو گڏ وڌيڪ طاقتور ٿيندا پيا وڃن. ان عدم توازن کي ختم ڪرڻ لاءِ رپورٽ ۾ لک پتي ما??هن تي ويلٿ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن مان هر سال 1.8 کرب ڊا??ر حاصل ڪري سگهجن ٿا. برطانوي اخبار گارڊين مطابق ??ني?? جي پنج امير ترين ما??هن ايلون مسڪ، برنارڊ آرنلٽ، جيف بزوس، ليري ايلسن ۽ مارڪ زڪربرگ جي دولت ۾ 464 ارب ڊا??ر يعني 114 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ??ني?? جو هڪ سيڪڙو امير طبقو سڄي ??ني?? جي 59 سيڪڙو مالي اثاثن جو مالڪ آهي جن ۾ اسٽاڪ، شيئرز ۽ بانڊز پڻ شامل آهن. فوربز ميگزين مطابق ??ني?? جي امير ترين شخص ۽ ٽيسلا جي مالڪ ايلون مسڪ جي دولت 230.2 ارب ڊا??ر آهي جڏهن ته امير ترين ما??هن جي لسٽ ۾ ٻئين نمبر تي برنارڊ آرنلٽ ۽ سندس خاندان آهي جيڪو فيشن برانڊ لوئي وٽان جو مالڪ آهي. برنارڊ آرنلٽ ۽ سندس خاندان جي ڪل اثاثن جي ماليت 182.4 ارب ڊا??ر آهي. ٽئين نمبي تي ايمازون جو مال جيف بيزوس آهي جنهن جي دولت 176.9 ارب ڊا??ر آهي، چوٿين نمبر تي سافٽ ويئر ڪمپني اوريڪل جو مالڪ ليري ايليسن آهي جنهن جي اثاثن جي ماليت 135.2 ارب ڊا??ر آهي جڏهن ته پنجين نمبر تي فيس بڪ جو مالڪ مارڪ زڪربرگ آگي جنهن جي دولت 132.3 ارب ڊا??ر رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
دنيا جي پنج امير ترين شخصيتن جي دولت ۾ 2020 کانپوءِ ٻيڻو اضافو ٿيو، اوڪسفيم جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ