قاهره-26 آڪٽوبر(اي پي پي) مصر ??ي صدر عبدالفتاح السيس?? چيو آهي ته سندس ملڪ پنهنجي پوري تاريخ ۾ پنهنجي سرحدن کي عبور ناهي ڪيو ۽ ان جا سمورا هدف پنهنجي سرحدن جي حفاظت ۽ پنهنجي قومي سلامتي کي محفوظ بڻائڻ آهي. سعودي خابرو اداري موجب هن گذريل ڏينهن س??ئز ۾ فورٿ آرمرڊ ڊويزن جي جنگي ص??اح??تن ۽ تيارين جي معائني دوران ڳالهائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصر ??مورن بحرانن مان صبر ۽ تحمل سان منهن ڏيندو آهي ته جيئن طاقت جي استعمال کانسواءِ مقصد حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته اسان پنهنجي دفاع ۾ پنهنجي طاقت کي فهم ۽ فراست سان استعمال ڪنداسين. مصر ??ي صدر غزه جي صورتحال تي تبصرو ڪند?? چيو ته اسان غزه ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جنگ بندي تائين پهچڻ ۾ مثبت ڪردا?? ادا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو حل سفارتي ذريعن سان ممڪن آهي ۽ اسان فلسطين تڪرار جي ٻه رياستي حل جي حمايت جاري رکندسين.
اسان پنهنجي دفاع ۾ طاقت کي فهم ۽ فراست سان استعمال ڪنداسين:صدر عبدالفتاح السيسي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ