قاهره-12 آڪٽوبر (اي پي پي) عرب پرڏيهي وزيرن غزه ۾ جنگ بند ڪرائڻ لاءِ عالمي برادري کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته غزه جو گهيراءُ ختم ڪري ۽ شهرين لاءِ امداد جي اجازت ڏني وڃي. عرب خابرو اداري ??وجب عرب پرڏيهي وزيرن قاهره ۾ هنگامي اجلاس جي پڄ??ڻي تي چيو ته شهرين کي نشانو بڻائڻ تي ڌرين جي مذمت ڪريون ٿا، عرب ليگ جي مددگار سيڪريٽري جنرل حسام زڪي اجلاس جي پڄ??ڻي تي 12 شقن تي ٻڌل قرارداد جاري ڪئي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته غزه خلاف جنگ فورن بند ڪئي وڃي، ??مو??يون ڌريون صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺن، هن چيو ته جنگ جاري رهڻ جي صورت ۾ انساني مسئلن ۽ خراب صورتحال کان خبردار ڪندي عالمي برادير کي چيو ويو آهي ته هو جنگ بند ڪرائڻ ۽ خطي کي خطري کان بچائڻ لاءِ فوري ??دم کڻي. عرب پرڏيهي وزيرن غزه جي ناڪا بندي ختم ڪرڻ، انساني امداد جي پهچ جي فوري اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، غزه پٽي جو پ??ڻي ۽ بجلي ڪٽڻ بابت اسرائيلي فيصلي کي رد ڪرڻ تي به زور ڀريو، اجلاس ۾ فلسطيني عوام جي پنهنجي سرزمين تي ثابت قدمي تي انهن جي حمايت ڪئي ۽ فلسطينين کي سندن سرزمين تان ڪڍڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي سنگين نتيجن کان خبردار ڪيو، اهو به چيو ويو ته فسلطيني علائقن جي تازه صورتحال تي ??ظر رکڻ لاءِ اجلاس مسلسل جاري رهندو.
غزه جو گهيراءُ ختم ۽ شهرين کي امداد جي اجازت ڏني وڃي: عرب ليگ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام