مڪو شريف- 23 جون (اي پي پي) حج جي فرض جي ادائيگي لاءِ سڄي دنيا مان آيل حاجي سڳورن مديني شريف ۽ مڪي شريف ۾ سعودي حڪومت طرفان فرا??م ڪيل رهائش، کاڌي پيتي ۽ سفر جي بهترين سهولتن کي ساراهيو آهي. هلندڙ سال 1444هه ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن مان 30 لک کان وڌيڪ حج جو فرض ادا ڪندا. سعودي حڪومت جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ موجب خميس تائين 14 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا فضائي، بري ۽ بحري ر??تن ذريعي ڀلي پار پهچي چڪا آهن، پاڪستان کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت 26 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا ڀلي پار پهتا آهن جنهن کي سعودي عرب جي حڪومت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت اميگريشن سميت ٻين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻاي?? ويو آهي. سعودي حڪومت روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت مختلف ملڪن جي حج پانڌيئڙن کي به سهولتون ۽ سهڪار فرا??م ڪيو آهي، جنهن سان کين ڀلي پار پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه آئي. حاجي سڳورن سعودي عرب جي فرمانروا ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان طرفان حاجين جي ميزباني ۽ کين سهولتون فرا??م ڪرڻ کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو ۽ خراج تحسين پيش ڪيو آهي جنهن سبب حاجي سڳورن کي مديني شريف ۽ مڪي شريف ۾ هر قسم جو سهڪار، رهنمائي جي سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي. .
حاجي سڳورن پاران بهترين انتظامن تي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاد محمد بن سلمان سان ٿورن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج