اسلام آ??اد – 10 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي ز??داري ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪارروائي دوران 5 هشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشنز دوران 5 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر