اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، پاڪست??ن جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 148هين پيدائش واري ڏينهن تي کيس خراج عقيدت ??يش ڪندي چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قوم لاءِ ڪيل خدمتن کي کيس سلام ??يش ڪريون ٿا، قائداعظم هڪ سياسي جدوجهد ذريعي تاريخ جي ڌارا تبديل ڪئي، قائداعظم جي ويزن، عزم ۽ استقلال عيوض ئي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ آزاد وطن جو قيام مم??ن ٿي سگهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ م??ن جاري بيان مطابق قائداعظم محمد علي جناح جي 148هين پيدائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اس??ن جي تاريخ جي هڪ نازڪ ترين دؤر ۾ قائداعظم جي قيادت سندس غير معمولي صلاحيتن جو ثبوت آهي. قائداعظم هڪ وڪيل، مدبر ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي اڳواڻ طور تي مسلمانن جي حقن جي ڀرپور وڪالت ڪئي. هن پاڪست??ن جو ڪيس نهايت وضاحت ۽ يقين سان ??يش ڪيو. هن هڪ اهڙي ڌار وطن جي ضرورت تي زور ڀريو جتي مسلمان آزاديءَ سان پنهنجي مذهب تي عمل پيرا ٿي سگهن ۽ پنهنجي ثقافت، سياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ ڪري سگهن. هن چيو ته 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪست??ن جي آئين ساز اسيمبلي مان سندس تاريخي خطاب اڄ به اسان لاءِ مشعل راهه آهي. پنهنجي ان تقرير ۾ هن هڪ اهڙي پاڪست??ن جو تصور ??يش ڪيو جتي قانون جي حڪمراني هوندي، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ هر شهري بنا ڪنهن فرق جي رياست جي سامهون برابر هوندو. انصاف ۽ رواداري جا اهي اصول نه صرف قائد جي فلسفي جو بنياد آهن پر اهي اصول آهن جن تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ اسان کي اڻٿڪ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. صدر مملڪت چيو ته جيتوڻيڪ اسان مختلف شعبن ۾ اعليٰ ترقي ڪئي آهي، پر هڪ خوشحال ۽ انصاف تي ٻڌل قوم بڻجڻ جو سفر اڃ??ن جاري آهي، قائداعظم جي هڪ جهموري ۽ خود ڪفيل پاڪست??ن جي ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي سماجي انصاف، معاشي برابري ۽ قانون جي حڪمراني جا قدر برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي نوجوانن جي تعليم تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ۽ پاڪست??ن جي روشن مستقبل لاءِ کين علم ۽ هنر سان نوازڻو پوندو. اسان کي معاشري جي پيڙهيل طبقن جي بهتري لاءِ به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ پر امن ۽ اعتدال پسند پاڪست??ن جي خواب جي تڪميل لاءِ اسان کي پنهنجي سرحدن جي اندر ۽ ٻاهر هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻي آهي. هن چيو ته اڄ جڏهن اسان قائد جو جنم ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته اچو اسان قائداعظم جي نظرين کي پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي زندگين ۾ اپنائڻ جي عهد جي تجديد ڪيون. سندس ٻڌايل ”اتحاد، يقين محڪم ۽ تنظيم“ جي اصولن کي قومي هم آهنگي ۽ ترقي لاءِ مشعل راهه بنايون. اچو اسان هڪ اهڙي پاڪست??ن جي تعمير جي عزم جو ورجاءُ ڪيون جي??و حقيقي معنيٰ ۾ قائداعظم جي ويزن جي عڪاسي ڪري. هڪ جمهوري ۽ خوشحال پاڪست??ن جتي هر شهري کي پنهنجون ڀرپور صلاحيتون نکارڻ جو موقعي ملي سگهي.
قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن، عزمَ ۽ استقلال جي عيوض ئي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ آزاد وطن جو قيام ممڪن ٿي سگهيو: صدر مملڪت آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے