اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ??ڏي?? قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ جي ڌرين جي 29 ھين ڪانفرنس (ڪوپ 29 ) ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان جي گادي واري شھر باڪو روانو ٿي ويو آھي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق پنھنجي دوري دوران ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪوپ 29 ھين ڪانفرنس دوران اعليٰ سطحي ويهڪن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ان کان سواءِ ناڻي وار?? وزير ڪانفرنس ۾ قائم پاڪستان پويلين ۾ منعقد تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. سرحدي مارڪيٽن ۾ مقامي ماحولياتي ڪارروائي ۽ بصيرت فنڊ جاري ڪرڻ جي م??ضو?? تي منعقد تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. ناڻي وار?? وزير پاڪستان پويلين ۾ نيشنل ڪلائميٽ فنانس اسٽريٽجي جاري ڪندو. ناڻي وار وزير، منصوبا بندي واري وزارت جي انتظام ھيٺ ”ڪلائميٽ ريسپانسو پبلڪ انويسٽمينٽ“ جي م??ضو?? تي منعقد ٿيندڙ پينل مباحثي پڻ شريڪ ٿيندو. ناڻي وار?? وزير ڪاريڪ پارٽ??رش?? فار ڪلائميٽ انوويشن اينڊ ٽريڊ جي م??ضو?? تي اعليٰ سطحي ويهڪ ۾ پڻ شريڪ ٿيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته ناڻي وار?? وزير پنھنجي خطابن ۽ ڳالھين ۾ موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل نقصان، موافقت، گهٽتائي ۽ لاڳو جي رخن تي ھاڪاري ۽ متوازن اڳڀرائي جي اھميت کي اجاگر ڪندو، ناڻي وار?? وزير اسرندڙ ملڪن کي درپيش موسمياتي مسئلن جي حل لاءِ اڳڪٿي ۽ توقع جي بنياد تي فنانسنگ جي ضرورت تي زور ڀريندو. ناڻي وار?? وزير پنهنجي تقريرن ۾ موسيماتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي تاريخي ذميواري جو احساس ڏياريندو. برابري، حصيداري سان گڏوگڏ فرق تي ٻڌل احساس سان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي اصول جي اهميت واضح ڪئي ويندي، ترقي يافته ملڪن مان نقصان ڏيندڙ گئسن جي خارج ٿيڻ تي وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. وطن واپسي تي ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف وفد سان الوداعي گڏجاڻي ڪندو.
ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب 29 ھين ڪوپ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو