اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي مشتعل مظاهرين جي حملي ۽ قومي جهنڊي لاهڻ جي واقعي جي خلاف وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پاران ”حرمت پرچم“ مهم جي شروعات ڪندي وفاقي وزيرن پاڪستاني جهنڊي سان گڏ تصويرون سوشل ميڊيا تي ??اري ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي وزيرن سوشل ميڊ??ا تي قومي جهنڊي سان والهاڻي محبت جا پيغام به لکيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير سردار اويس لغاري، عبدالعليم خان، راڻا تنوير حسين، عطاءُ الله تارڙ سميت ٻين وزيرن به قومي جهنڊي سان گڏ تصويرون سوشل ميڊيا تي ??اري ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ”چنڊ روشن چمڪندو رهي ستارو، سڀ کان اونچو هي جهنڊو اسان جو آهي، پاڪستان جي دشمنن کي واضح پيغام“ سان گڏ سوشل ميڊيا تي ??صوير پوسٽ ڪئي. اهڙي طرح ڊاڪٽر مصدق ملڪ، علي پرويز ملڪ ۽ ڄام ڪمال خان به قومي جهنڊي ۽ پاڪستان زندهه آباد جي پيغام سان گڏ تصويرُون جاري ڪيُون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ان موقعي تي چ??و ته سياسي ڪارڪن، صحافي، دانشور، استاد، وڪيل، ڊاڪٽر، آبادگار، مزدور، شاگرد، ڪاروباري ماڻهو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ محب وطن پاڪستاني ۽ پاڪستاني نوجوان ”حرمت پرچم“ مهم ۾ حصو وٺن. هن چ??و ته پاڪستان جو جهنڊو اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ خودمختياري جي علامت آهي. پاڪستاني جهنڊو قوم جي اتحاد ۽ يڪجهتي ??ي نمائندگي ڪري ٿو. هن چ??و ته آگسٽ پاڪستان جي آزادي جو مهينو آهي ”حرمت پرچم“ جي ان مهم کي مسلسل جاري رکنداسين. حرمت پرچم قومي ذميواري آهي ۽ هر پاڪستاني جو فرض آهي ته هو ان تي ??مل ڪري. واضح رهي ته سوشل ميڊ??ا تي وفاقي وزيرن جي ”حرمت پرچم“ مهم کي تمام گهڻي پذيرائي ملي رهي آهي.
وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پاران”حرمت پرچم“ مهم جي شروعات
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa