اسلام آب??د – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجا?? جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر جمهوريه آذربائيجا?? جي سفير خضر فرهادوف ملاقات ڪئي. آذري سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آذربائيجان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن آذربائيجا?? جي صدر الهام عليوف سان عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو. هن جون 2023ع ۾ باڪو جي دوري دوران آذربائيجا?? جي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي صدر عليوف جي جلد کا?? جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي ڏنل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آذربائيجان کي نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قوم?? جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ 29 سربراهي اجلاس جي لاءِ ميزبا?? جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو اڳئين هفتي آذربائيجا?? جي ماحوليات واري وزير جي استقبال جو منتظر آهي جيڪو ڪوپ 29 جي اجلاس جي لاءِ آذري صدر جو باضابطا دعوتنامو کڻي ايندو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌري?? جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد باڪو موڪلڻ جو ارادو رکون ٿا، پاڪستان جلد کا?? جلد پاڪستان آذربائيجان گڏيل ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پڻ تيار آهي جتي ٻئي ڌريون مختلف شعبن ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪري سگهن ٿيون. آذري سفير باڪو ۽ ڪراچي جي وچ م اڏام?? جي تازي افتتاح کا??سواءِ باڪو ۽ اسلام آب??د سان گڏوگڏ باڪو ۽ لاهور جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي هلندڙ اڏامن تي روشني وجهندي ٻطرفن لاڳاپ?? جي موجوده صورتحال بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته آذربائيجا?? جي پرڏيهي وزير جو هلن??ڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جو دورو پڻ متوقع آهي. هن وزيراعظم کي مختلف اداراجاتي مڪينزم ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ اهم ملاقاتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. باڪو شهر جي خوبصورتي کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هو اسلام آب??د جي خوبصورتي ۾ اضافي جي حوالي سان باڪو جي طرز تي اڏاوتن جو خواهشمند آهي. هن اسلام آب??د ۽ باڪو جي وچ ۾ سسٽر سٽي معاهدي جي تجويز پڻ ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو ۽ صدر الهام عليوف جي جلد اسلام آب??د جي دوري جو پڻ منتظر آهي.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان