ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پا??ست??ن براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هڪ اهم ادارو آهي، هي مختلف زبانن ۾ خبرون ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائي ٿو. اها ڳالهه هن پي بي سي جي ڪراچي آفيس جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته ريڊيو پا??ست??ن جا مسئلا بشمول رهتن، پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جا مسئلا ۽ انهن جي حل جي لاءِ لاڳاپيل فورم تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن چيو ته حڪومت انهن ادارن کي مالي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ تي غور ڪري رهي آهي جن جا خرچ وڌيڪ آهن. ريڊيو پا??ست??ن تي بجلي جي يوٽيلٽي بلن جو بار به بحث هيٺ آهي ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ پاور ڊويزن کي آن بورڊ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته اڳ ۾ پينشنرز پنهنجي پينشن جي دير سان ادائگي سبب متاثر ٿيندا هئا پر هاڻي پينشنرز کي انهن جي پينشن وقت سر ادا ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري سيڪريٽري ريڊيو پا??ست??ن ۽ ان جي ملازمن جي بهتري جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي جنهن ۾ سرڪاري اسڪيل کي اختيار ڪرڻ ۽ ٻيا شامل آهن. شاهيره شاهد چيو ته ريڊيو ج?? ٽرانسميٽرز کي پڻ بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن بنا رڪاوٽ ٽرانسميشن کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ اداري جي نشريات کي سينٽرلائز ڪرڻ جي لاءِ روات، اسلام آباد ۾ هڪ سيٽ اپ قائم ??يو پيو وڃي. هن چيو ته ملازمن کي طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تن??يمي سطح تي پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ريڊيو پا??ست??ن جي ملڪيتن کي اداري جي بهتري ۽ ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ پڻ استعمال ??يو پيو وڃي. واضح رهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪالهه جمعي ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پا??ست??ن ڪارپوريشن (اي پي پي سي) جي بيورو آفيس ڪراچي جو پڻ دورو ڪيو، بيورو آفيس جي مختلف شعبن جو معائنو ??يو ۽ بيورو چيف اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي بيورو ج?? ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري پا??ست??ن براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي عمارت پهتي ۽ نيو براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ منعقد آجياڻي ?? شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر پي بي سي، پي آءِ ڊي جا سينيئر آفيسر، بيورو چيف اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جا آفيسر پڻ اطلاعات واري سيڪريٽري سان گڏ هئا. بعد ۾ هن اي پي پي بيورو آفيس جي مختلف سيڪشنز، اي بي سي، ريديو پا??ست??ن ۽ فشريز ڊپارٽمينٽ جي آفيسن جو پڻ معائنو ??يو ۽ لاڳاپيل آفيسن جي آفيسرن اطلاعات واري سيڪريٽري کي بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري سيڪريٽري جو پي بي سي بلڊنگ اچڻ تي ريڊيو پا??ست??ن جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي ٻين سينيئر آفيسرن شاندار استقبال ڪيو.
پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هڪ اهم ادارو آهي: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی