اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو سفير آصف دراني 18 ۽ 19 فيبرور?? تي قطر جي گادي ??ار?? شهر دوحه ۾ افغانستان جي لاءِ خصوصي ايلچين جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران گهرايو ويو آهي ته جيئن افغانستان سان عالمي مشغوليت جي طريقن تي وڌيڪ ٺوس ۽ منظم انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن سميت عالمي برادري سان فعال طور شا??ل ٿيڻ جي اسان جي ڪوششن جو حصو آهي.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ