ڪراچي – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? زور ڏنو آهي ته معاشري ۾ خصوصي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ، انهن کي تعليم ۽ زندگي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي اهميت تي ڌيان ڏنو وڃي. هو ڊائون سنڊروم ۽ ٻين ذهني چئلينجن ۾ ورتل ماڻهن جي اداري سوسائٽي فار چلڊرن ان نيڊ آف اسپيشل اسسٽنس جي دوري جي موقعي تي ڳا??ها??ي رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه ??لو?? پڻ ساڻس گڏ هئي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار معاشري جو ??صو آهن ۽ انهن کي زندگي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ سان اهي پنهنجي زندگي گذارڻ ۽ روزاني جا ڪم پاڻ سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻجي سگهن ٿا. هن اهڙن ماڻهن جي لاءِ انهن جي صلاحيتن موجب روزگار جا خصوصي موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي انهن ملازمتن جي لاءِ گهربل مخصوص هنر سيکارڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي لاءِ معمول جي تعليمي ادارن ۾ داخلا تي زور ڏيڻ جا سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن، اسان کي پاڪستان ۾ به خصوصي ماڻهن جي لاءِ روايتن کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن سرڪاري شعبي جي ملازمتن ۾ مختلف ماڻهن جي لاءِ خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪري ان سلسلي ۾ ساراهه جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته بئنڪنگ سيڪٽر پڻ خصوصي ماڻهن کي شامل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ مختلف بئنڪن جي سربراهن پڻ وڌيڪ خاطري ڪرائي آهي ۽ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن جي شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ بابت تازي اجلاس ۾ پڻ ان سلسلي ۾ قدم کنيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته وڏي پئماني تي آگاهي سماجي تاثر ۽ طرزعمل کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ان جو مشاهدو ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت خصوصي مهمان دوران ٿيو. هن چيو ته آگاهي جي قدمن بشمول علامتن ۽ روڪٿام بابت ٽيڪسٽ ۽ صوتي پيغام سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهن تائين پهتا جنهن سان سوين قيمتي جانيون بچي ويون. ڊاڪٽر عارف ??لو?? خاتون اول بيگم ثمينه عارف ??لو?? جي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي حوالي سان وڏي پئماني تي شعور اجاگر ڪرڻ جي ڪوششن جو ??اص طور تي ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هاڻي هوءَ ذهني صحت جي مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي. صدر مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي خصوصي سارسنڀال ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي زندگي جون بنيادي مهارتون سيکارڻ تي سوسائٽي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي سوسائٽي جي اعزازي سيڪريٽري ذوالفقار علي رمزي چيو ته ان حقيقت کي سمجهندي ته خصوصي سارسنڀال ۽ آگاهي سان مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار پنهنجي زندگي گذار سگهن ٿا ته سوسائٽي انهن کي سموريون ضروري مهارتون فراهم ڪري رهيو آهي. پرنسپل ايس ڊي ايڇ، رضوانه خانم بريفنگ ڏني ته سوسائٽي جو وڏو مقصد مختلف قسم جي مشڪلاتن ۾ ورتل ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ هڪ پليٽ فارم قائم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي معاشري جي پاڻڀرو ۽ قدر ۾ اضافو ڪندڙ ماڻهو بڻجي سگهن. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? مختلف معذور ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ سهولتن جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ اداري جي مختلف حصن جو ??ورو ڪيو ۽ انهن خصوصي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي پيشيواراڻي سرگرمين يا راندين ۾ مصروف هئا. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ان موقعي تي سوسائٽي جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.
معاشري ۾ خصوصي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ، تعليم ۽ زندگي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي اهميت تي ڌيان ڏنو وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری