اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سم?? 2024ع جو انعقاد پاڪستان جي لاءِ اعزاز ??و سبب آهي. اها ڳالهه هن قومي صحت وا??ي نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. ان موقع?? تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان به موجود هو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سربراهه ڪانفرنس 10 ۽ 11 جنور?? تي وفاقي گادي وا??ي شهر اسلام آباد ۾ ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اها ڪانفرنس پهريون ڀيرو ٿي رهي آهي، جيڪا پاڪستان جي لاءِ اعزاز ??ي ڳالهه آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته اها ڪانفرنس انسانن جي صحت بابت آهي. عوام جي صحت بابت مسئلا ئي اصل مسئلا آهن. ان موقع?? تي قومي صحت وا??ي نگران وفاقي وزير صحافين کي ڪانفرنس جي حوالي سان تفصيلن بابت پڻ آگاهه ڪيو.
گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ 2024ع جو انعقاد پاڪستان جي لاءِ اعزاز جو سبب آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن