اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي لاءِ سمورا ضروري وسيلا ۽ تعاون فراهم ڪنداسين، چونڊن جو شفاف ۽ قابل اعتماد طريقي ??ان انعقاد يقيني بڻايو ويندو. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن آزادا??ي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آزادا??ي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن کي سمورا ضروري وسيلا ۽ تعاون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته چونڊن جو شفاف ۽ قابل اعتبار طريقي ??ان انعقاد يقيني بڻايو ويندو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف آزادا??ي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي عزم جي آجيان ڪئي.
اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي لاءِ سمورا ضروري وسيلا ۽ تعاون فراهم ڪنداسين: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena