اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گورننس ۾ بهتري جي لاءِ سول اد??رن جي ڪارڪردگي کي آهستي آهستي بهتر بڻايو پيو وڃي، بجلي چوري، ذخي??ه اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ چئني صوبن ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آهي، جتي ضرورت پوندي فوج ??ون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، بجلي چوري کي روڪڻ جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي چوري، ذخي??ه اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت گورننس جي حوالي سان پنهن??ون ذمي??ار??ون اد?? ڪري رهي آهي، ذخي??ه اندوزي، مهانگائي ۽ اسمگلنگ جي حوالي سان صوبن ۽ لاڳاپيل اد??رن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، ماڻهن ۾ اهو تاثر هو ته اها هڪ هفتي يا ڪجهه ڏينهن جي مهم آهي پر آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اها هفتي ٻن هفتن جي ڳالهه نه آهي، پاڪستان جي اقتصادي صحت جي حوالي سان قدم جاري رهندا. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ذخي??ه اندوزي، مهانگائي، پرڏيهي ناڻي ۽ بجلي جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا ويا آهن انهن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. لاڳاپيل ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اد??رن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڳ ۾ اها خبر ئي نه هئي ته هي ڪنهن جو ڪم آهي، ان رجحان کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، بيوروڪريسي، پوليس ۽ لاڳاپيل اد??را گڏجي ڪم ڪندا ۽ گورننس جي لاءِ جتي ضرورت پوندي فوج ??ون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، جيڪو هڪ بهترين ۽ منظم اد??رو آهي، ان سان گڏوگڏ سول اد??رن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو، جيڪو وقت جي ضرورت آهي، سول اد??رن جي صلاحيت ۾ اضافي سان انهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار ۾ بهتري ايندي. نگران وزيراعظم اد??رن کي پنهنجي اپروچ بهتر بڻائڻ ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته چئني صوبن ۾ حڪومتي قدمن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، ذخي??ه اندوزي ۽ اسمگلنگ جي خلاف خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بهترين قدم کنيا ويا آهن، آءِ بي جو ان حوالي سان تمام اهم ڪردار آهي، هن گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ ۽ ذخي??ه اندوزي جي خلاف ڪوششن کي ٺوس بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان حوالي سان گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.
گورننس ۾ بهتري جي لاءِ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي آهستي آهستي بهتر بڻايو پيو وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی