اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق پاڪستان جي استحڪام لاءِ اڄ هڪ عظيم ڏينهن آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين ڊجيٽل آدمشما??ي جي متفقه طور منظوري ڏني آهي، هن وڏي سرگرمي جو حصو بڻجڻ تي سمورن ادارن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ستين ڊجيٽل آدمشما??ي جي منظوري لاءِ رٿيل اجلاس ۾ سياسي پارٽين جي نمائندن خاص دعوت تي شرڪت ڪئي، جنهن جو مقصد اتفاق راءِ سان قومي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي پي ڊي ايم حڪومت جي موقف موجب غور ويچار ڪرڻ هو. آدمشما??ي جي متفقه طور گڏيل مفادن واري ڪائونسل منظوري ڏني آهي، آدمشما??ي جو پورو عمل مشاورتي ڪميٽي جي نگراني ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبائي حڪومتن، ناليوارن شمارياتدان??، سميت سمورين ڌرين جي نمائندگي هئي، نادرا، اين ٽي سي ۽ سپارڪو هن عمل کي انتهائي شفاف، معتبر ۽ موثر طريقي سان انجام ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي. هي پاڪستان جي پهرين ڊجيٽل آدمشماري هئي. وزيراعظم چيو ته مون لاڳاپيل وزارتن، صوبائي وڏن وزيرن، صوبائي حڪومتن، نادرا، سپارڪو، اين ٽي سي، هٿياربند فوج، پوليس ۽ سڀ کان وڌي ڪري استادن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن هن وڏي سرگرمي ۾ حصو ورتو ۽ بي پناهه ق??مي خدمتون س??انجام ڏنيون.
وفاق پاڪستان جي استحڪام لاءِ اڄ هڪ عظيم ڏينهن آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين ڊجيٽل آدمشماري جي متفقه طور منظوري ڏني آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania