اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف احتساب ريفرنس مان ??حم?? نواز شريف جي بريت تي شڪراني جو اظهار ڪندي چيو آ??ي ته احتساب عدالت جو فيصلو گواهي ڏئي رهيو آ??ي ته نواز شريف کي سياسي طور تي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو، ثابت ٿي ويو ته نواز شريف کي سياسي نقصان پهچائڻ جي لاءِ نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ذريعي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو ته الله جو شڪر آهي ته ??حم?? نواز شريف کي انصاف مليو آ??ي، احتساب عدالت جو فيصلو گواهي ڏئي رهيو آ??ي ته نواز شريف کي سياسي طور تي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو. هن چيو ته عدالت تسليم ڪيو آ??ي ته نواز شريف لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ حڪومت جي اجازت سان ٻاهرئين ملڪ ويو، عدالت اهو به تسليم ڪيو ته نواز شريف ملڪ ۾ هجي ها ته جاچ جو حصو بڻجي ها. وزيراعظم چيو ته اهو ثبوت آهي ته ڄاڻي واڻي ان وقت جي انتقامي حڪومت نواز شريف کي مفرور قرار ڏياريو، ثابت ٿي ويو ته نواز شريف کي سياسي نقصان پهچائڻ جي لاءِ نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ذريعي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته قائد ??حم?? نواز شريف کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته الله تعاليٰ ڪوڙ تي ٻڌل هڪ ٻئي ڪيس ۾ کيس سرخرو ڪيو، اميد آهي ته ??حم?? نواز شريف سان سياسي مقصدن جي خاطر جيڪو ظلم ۽ زيادتي ڪئي وئي، ان ۾ ان کي مڪمل انصاف ملندو.
وزيراعظم پاران احتساب ريفرنس مان محمد نواز شريف جي بريت تي شڪراني جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی