اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، ان جو فيصلو اسان کي قبول هوندو، فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو ??ڃي ها ته ڪير ان جي فيصلي سان اختلاف ڪري ها، عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي پر قانون سڀني جي لاءِ ??رابر هجڻ گهرجي، جيڪو قانون ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو ??نهنجو پاڻ تي به لاڳو ڪريو، اسان کي پاڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ??اتي مفاد کي هڪ طرف رکڻو پوندو، ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کان ڀڄي نه ٿي سگهي، وڪيلن قانون جي حڪمراني، عدليه جي بحالي ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لائرز ڪمپليڪس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله ۽ پاڪستان بار ڪائونسل، اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ ٻين وڪيل تنظيمن جي عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وڪيلن عدل ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??نتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، وڪيلن قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي بحالي جي لاءِ قربانيون ڏنيون، عدليه جي بحالي لاءِ ڏنڊا کاڌا، گوليون کاڌيون، جلوس ۽ ريليون ڪڍيون، پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين عدل ۽ انصاف جي لاءِ ??نگ وڙهي آهي. وزيراعظم چيو ته عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي پر قانون سڀني جي لاءِ ??رابر هجڻ گهرجي، جيڪو قانون ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو ??نهنجو پاڻ تي به لاڳو ڪريو، اڳ ?? سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بئنچ ٺاهي وئي، بعد ۾ اها ٽن ججن تي ٻڌل بئنچ رهجي وئي، اڄڪلهه سپريم ڪورٽ جي چار ٽي ججز جي فيصلي جو بحث هلي رهيو آهي، جيڪي ججز بئنچ کان الڳ ٿي ويا هئا انهن کي ان ۾ نه ويهڻ گهرجي ها. وزيراعظم چيو ته فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو ??ڃي ها ته ڪير ان جي فيصلي سان اختلاف ڪري ها، جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي کي اڳ ۾ سرڪلر جي ذريعي ختم ڪيو ??يو، بعد ۾ ان تي بئنچ ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ته حڪم ڏنو وڃي ٿو ته وزيراعظم اڪيلو ڪجهه به نه آهي، پوري ڪابينا آهي پر اهڙو حڪم ڏيندڙ پنهنجو پاڻ تي اهو ڇو لاڳو نه ٿا ڪن، مولوي تميزالدين ڪيس بابت سڀ ڄاڻين ٿا، جسٽس منير ئي نظريه ضرورت جو موجد آهي. هن چيو ته ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کان ڀڄي نه ٿي سگهي ڇو ته جيڪو به اليڪشن کان ڀڄندو ان جي سياست انهي ئي ڏينهن ختم ٿي ويندي. هن چيو ته 63 اي جي قانون کي ري رائيٽ ڪيو ??يو، اسان اپيل داخل ڪئي پر ان جو ڪو اتو پتو نه آهي، سياسي پارٽين کي به ڌر نه بڻايو ??يو، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي گريبان ۾ جهاتي پائي فيصلو ڪرڻو آهي ته اڳتي ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻو آهي يا ذاتي ويڙهه وڙهي ملڪ کي اتي پهچايو ??ڃي جتان واپسي ناممڪن هجي. وزيراعظم چيو ته اڃا به ڪجهه ناهي ويو، اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، جيڪي ججز بئنچ کان الڳ ٿيا هئا انهن کي شامل نه ڪري فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، فل ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اهو اسان کي قبول هوندو، پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ گهرجي، ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچڻ ۽ ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته لائرز ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکي خوشي ٿي آهي، لائرز ڪمپليڪس جي تعمير تي هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي، مون کي ڊپ آهي ته اهو حڪم به نه اچي وڃي ته اها رقم اليڪشن ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته وڪيل پاڻ ان جو دفاع ڪري وٺندا. هن چيو ته اسان کي پاڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ??اتي مفاد کي هڪ طرف رکڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته لائرز ڪمپليڪس جي تعمير جي لاءِ ??ملي اڳڀرائي تي قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله مبارڪباد جا مستحق آهن، انهن ڪاغذن ۾ پيل منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪيو آهي، ان ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس کي به شامل ڪيو ??ڃي ۽ عورتن ۽ مرد وڪيلن جي لاءِ ??دا جدا سوئمنگ پول پڻ هجڻ گهرجن. ان کان اڳ وزيراعظم لائرز ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکيو. تقريب کي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله ۽ وڪيل اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.
اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، ان جو فيصلو اسان کي قبول هوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار