اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان آمريڪ?? پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ ش??ل?? پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمريڪ?? پرڏيهي کاتي جي عهديدار جي آجيان ڪندي چيو ته لاڳيتو ٻطرفا دورا پاڪستان ۽ آمريڪا جي مثبت رويي جو مظهر آهن. پرڏيهي سيڪريٽري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻئي مڊ ليول دفاعي ڊائيلاگ ۽ وا??نگٽن ۾ ٿيندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي فريم ورڪ ايگريمينٽ ڪائونسل جي اجلا?? تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اداراجاتي ڳالهين جي ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان زراعت، تعليم، آءِ ٽي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمريڪ?? پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ ش??لي چيو ته آمريڪا پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي لاءِ پاڪستان ۽ ان جي عوام سان آمريڪي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري آمريڪي حمايت تي قونصلر جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ڊگهي مدي وا??ي بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. ڊيرڪ ش??لي سان عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي جو قونصلر ڪلنٽن وا??ٽ، پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ آمريڪ?? پرڏيهي کاتي ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن جي بيورو جو پرنسپل اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ پڻ موجود هئا.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ