اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري شاعر، اديب، ڊراما نگار امجد ا??لام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عوام جي حقن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ هڪ وڏو انسان اڄ د??يا مان رخصت ٿي ويو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته امجد ا??لام امجد پنهنجي زندگي جا 50 سال اردو ادب کي ڏئي اسان جي لاءِ قيمتي سرمايو ڇڏي ويو آهي. ”وه نصيب ڪي بارشين ڪسي اور ڇت پي برس گئين“ هڪ نسل کي ياد آهي. هن چيو ته 1980ع ۾ ان جو مشهور ڊرامو وارث اڄ ??ه هڪ شاهڪار مڃيو وڃي ٿو. ادب جي دنيا ۾ امجد ا??لام امجد جو نالو سدائين زندهه رهندو. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ