اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهي??ن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيندي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنجگور حملي جي شهي??ن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ محمد يونس خان ۽ لانس نائيڪ فريد الله خان جي پونيئرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ سپاهي اسد علي جي وارثن سان پڻ فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهي??ن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهي??ن ج?? درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ قو?? جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي انهن کي سلام عقيدت پيش ڪيو. صدر شهي??ن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل ??ي لاءِ دعا ڪئي.
صدر جي لانس نائيڪ محمد يونس خان ۽ لانس نائيڪ فريد الله خان جي پونيئرن سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر