اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ مقامي سطح تي س??لر پينل ٺاهڻ جي ل??ءِ پاليسي کي ترجيحي بنيادن تي حتمي شڪل ڏني وڃي، سرڪاري عمارتن ۾ هزار ميگاواٽ جي منصوبن ??ي ايندڙ گرمي جي موسم کان اڳ هر صورت مڪمل ڪيو وڃي. اها هدايت هن ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي ل??ءِ قدمن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. وزيراعظم تنبيهه ڪئي ته 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا غفلت قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته توانائي جي بچت هڪ قومي فرض آهي ۽ اسان ??ي ان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي. هن هدايت ڪئي ته هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي ملڪ ۾ رڳو اليڪٽرانڪ موٽرسائ??ڪل?? جي پيداوار کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ قدمن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، حڪومت ملڪ ۽ قوم جي پئسي جي بچت جي ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اجلاس کي س??لر آئيزيشن منصوبي تي عملدرآ۾د تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته شروعاتي مرحلي ۾ وفاقي سرڪاري عمارتن ۾ مجموعي طور تي 1000 ميگاواٽ جا س??لر پينل ??ڳا??ا ويندا. ان حوالي سان پهرين مرحلي جي بڊنگ جو عمل ايندڙ هفتي شروع ٿي ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ مقامي سطح تي س??لر پينلز جي پيداوار جي ل??ءِ پاليسي سازي جو عمل به حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ۾ س??لر پينلز جي پيداوار سان واڳيل صنعتن سان پڻ مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اليڪٽرانڪ موٽرسائ??ڪل?? جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان جي پيداوار کي ملڪ ۾ وڌائڻ جي ل??ءِ پڻ صنعتن ??ي اعتماد ۾ وٺي هڪ جامع پاليسي ٺاهي پئي وڃي جنهن ۾ تجويز ڏني وئي ته ملڪ ۾ موٽرسائ??ڪل?? کي مڪمل طور تي اليڪٽرانڪ ڪرڻ جي ل??ءِ هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي سمورين صنعتن ??ي ان تي منتقل ڪيو وڃي جنهن تي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گئس جي بچت جي ل??ءِ نه رڳو سمورن نئين گيس گيزرز جي پيداوار ڪونيڪل بيفلز سان ڪئي ويندي پر موجوده گيزرز ۾ پڻ هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تائين مڪمل طور تي انهن جي تنصيب يقيني بڻائي ويندي. وڌيڪ بجلي جي کپت وارن فلامنٽ/ غيرمعياري پراڻي برقي بلبن جي پيداوار جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته موجوده اسٽاڪ جي کپت کانپوءِ انهن جي پيداوار جي وڌيڪ اجازت نه ڏني ويندي ۽ موجوده ڪارخانن کي گهٽ بجلي جي کپت واري نئين ٽيڪنالاجي جا بلب ٺاهڻ تي منتقل ڪيو ويندو. اهڙي طرح ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارن پنکن جي ڪارخانن کي پڻ جلد نئين ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪيو ويندو ۽ صارفين وٽ موجوده پنکن کي پڻ تبديل ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. وزيراعظم انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وزير خواجه محمد آصف، خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونن محمد جهانزيب خان، سيد فهد حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ملڪ ۾ مقامي سطح تي سولر پينل ٺاهڻ جي لاءِ پاليسي کي ترجيحي بنيادن تي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ سرڪاري عمارتن ۾ هزار ميگاواٽ جي منصوبن کي ايندڙ گرمي جي موسم کان اڳ هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی