اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ??ٽيل علائقن ۽ متاثرين جي بحالي ??ولين ترجيح آهي، وفاق، صوبا ۽ لاڳاپيل ادارا ٻوڏ ??ٽيلن جي مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، چئلينج تمام وڏو آهي، مشڪل وقت ۾ اسان کي مضبوط هجڻ جو موقعو ڏنو آهي، ٻوڏ ??ٽيلن جي فوري امداد جيل اءِ 70 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورهايا ويندا، بطور قوم متحد ٿي ان چئلينج جو مقابلو ڪرڻو پوندو، نيشنل فلڊ ريسپانس ايند ڪوآرڊينيشن سينٽر قومي سطح جي فيصلن ۾ معاونت فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايرا هيڊڪوارٽرز نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ ۾ ٻوڏ ??ي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ لاڳاپيل ادارا ريسڪيو ريليف ۽ بحالي ??ي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم جنهن سومر ڏينهن قمبر شهدادڪوٽ جو دورو ڪيو چيو ته ائين لڳندو هو ته هر طرف سنڌو درياءَ جو پاڻي ڦهليل آهي، صورتحال انتهائي چئلينجنگ آهي، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر بڻايو ويو آهي جنهن جو مقصد گڏجي ويهي صورتحال تي غور ڪرڻ ۽ مشاورت سان فيصلا ڪري صورتحال جو مقابلو ڪرڻ آهي، هي سينٽر قومي سطح جي فيصلن ۾ معاونت ڪندو. هن چيو ته ٻوڏ ??ي صورتحال تمام خراب آهي، هيليڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ذريعي ماڻهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي سهولت ڏني پئي وڃي پر ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين پهچ نه آهي، ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن، ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ واپس وڃڻ چاهين ٿا، انهن جي پوري زندگي جي هڙ مُوڙِي ختم ٿي وئي آهي، وفاقي حڪومت شروعاتي طور تي 25، 25 هزار رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورڇ ڪرڻ جي لاءِ 28 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو هو پر ٻوڏ ??بب نقصان تمام وڌيڪ آهي جنهن کانپوءِ اها رقم 28 ارب مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪئي وئي آهي جنهن سان ڪيترائي لک خاندان فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ ??ان لکين ايڪڙ فصل تباهه، چوپائي مال ۽ ٻين ملڪيتن کي به نقصان پهتو، چانور ۽ ڪپهه جا فصل ختم ٿي ويا آهن، کجور جي وڻن کي پڻ نقصان پهتو آهي. وزيراعظم چيو ته صوبا، وفاق ۽ لاڳاپيل ادارا متاثرين جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، هٿياربند فوج ۽ ٻين ادارن جون ريسڪيو ۽ ريليف ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ٻوڏ ??ي اها صورتح??ل موسمياتي تبديلي ??ي اثرن جو نتيجو آهي، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ ۽ ريسڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ بحالي ??و ڪم به شروع ٿي ويو آهي، بلوچستان ۾ رستا ۽ پليون ٻيهر تعمير ڪيون پيون وڃن، مواصلات ذريعن کي بحال ڪيو پيو وڃي، ڪوئيٽا جي لاءِ گئس پائيپ لائين جي مرمت ڪئي پئي وڃي، ٺوس ڪوششن سا?? ئي ٻوڏ ??هڙي وڏي آفت سان پيد اٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، چئلينج وڏو آهي تنهن هوندي به مشڪل وقت اسان کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي، بطور قوم متحد ٿي ان چئلينج جو مقابلو ڪرڻو پوندو?? گڏجي ڪوششون ڪرڻ سان اسان موجوده صورتح??ل مان نڪري اينداسين.
ٻوڏ سٽيل علائقن ۽ متاثرين جي بحالي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال