اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان ڇنڇر ڏينهن هڪ سي 130 جهاز مزار شريف روانو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻوڏ مت??ثر افغانستان جي عوام جي لاءِ ??نگامي امدادي سامان موڪليو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب امدادي سامان ۾ تنبو، اٽو، چانور ۽ کنڊ شامل هئا. پاڪستان پاران افغانستان ۾ ٻوڏ مت??ثرين ??ي لاءِ خيرسگالي جذبي طور ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ خوراڪ ۽ عارضي رهائشگاهن جي سامان تي ٻڌل ٻيو جهاز موڪليو ويندو. بيان موجب پاڪستان هڪ پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان افغان عوام جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪوششن ۾ ??هم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، اميد آهي ته عالمي برادري به افغانستان ۾ مت??ثر ماڻهن کي وقت سر امداد ۽ معاشي امداد فر??هم ڪرڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن