اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ت?? آسٽريا جي ڪمپنين لاءِ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سي??حت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن جڏهن ته آسٽرين پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ چيو ته پاڪستان آسٽريا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، آسٽريا پاڪستان سا?? سي??سي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي ??گهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽرين هم منصب سا?? ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ت??صيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ يوڪرين جي صورتحال به غور هيٺ آندي وئي، هن چ??و ته اسان موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي جو رستو طئي ڪيو آهي، هن چ??و ته اڄ اسان جي ڳالهه ٻولهه واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي مرڪوز رهي، شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽريا جي پرڏيهي وزير سا?? گڏ دوري ت?? آيل واپارين جو وفد تعاون ۾ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي غرض سا?? پنهنجي پاڪستاني هم منصبن ۽ واپار واري صلاحڪار سا?? ڳالهيون ڪندو. آسٽريا جي پرڏيهي وزير چيو ته هو پنهنجي مڪ جي 20 واپارين سا?? گڏ آهي ۽ هائيڊرو جن پاور، انفرااسٽرڪچر، سي??حت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عالمي اڳواڻ هجڻ جي ڪري هو پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين جي ڳولا ۾ آهي. پرڏيهي وزير آسٽرين هم منصب کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان به آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان 20 ملين آبادي ت?? ٻڌل وڏي منڊي آهي ۽ هي علائقائي واپار جومرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ڳالهين جي مثبت نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي ۽ چيو ته اسان پاڪستان سدائين تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏنو آهي ڇو ته اسان جنگين جي وڏي مالي ۽ جاني قيمت ادا ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي ۽ اسان ڳالهين ۽ سفاتڪاري سا?? تڪرار حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، هن چ??و ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ جا اثر يورپ کان ٻاهر آهن ۽ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪ ان جو نتيجو پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن جي صورت ۾ محسوس ڪري رهيا آهن، هن چ??و ته پاڪستان جا يوڪرين سا?? بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان عالمي قانونن ۽ يو اين چارٽر تي يقين رکي ٿو ۽ سمورن ملڪن جي علائقائي سا??ميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، پاڪستان گذريل ڏينهن انساني همدردي جي بنياد تي يوڪرين کي ??مداد موڪلي آهي. هن چ??و ته جنگين سا?? سدائين اسرندڙ ملڪن جي معيشتن تي منفي اثر پيا آهن. آسٽريا جي پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سا?? سي??سي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي ??گهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن چ??و ته هو 20 ميمبرن تي مشتمل واپارين جي وفد سا?? گڏ آيو آهي، جيڪي هائيڊرو پاور، انفرااسٽرڪچر، سي??حت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عبور رکن ٿا، اهي پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين ۾ سيڙپڪاري چاهين ٿا، اليگزينڊر شلن برگ تازو ئي پشاور ۾ مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سا?? دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا ٻئي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، هن افغانستان کان پنهنجي شهرين جي واپسي ۾ تعاون تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، هن چ??و ته پاڪستان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ت?? اسلامي ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چ??و ته يوڪرين جنگ سا?? ٻي جنگ عظيم کانپوءِ وڏي پئماني ت?? يورپ کي لڏپلاڻ جاري آهي ۽ هن وقت تائين 10 ملين ماڻهن يوڪرين کان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.
آسٽريا جي ڪمپنين لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا