راولپنڊي – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آسٽريلوي ڪر??يٽ ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آئي آهي، ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪر??يٽ جي بحالي خوش آئند آهي، اسان جي اپ??زيشن سدائين عوام جي خلاف بيهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير راولپنڊي ڪر??يٽ اسٽيم ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مئچ شروع ٿيڻ تي ڪيو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ راولپنڊي ڪر??يٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو ۽ رانديگرن سان ملي خوشي جو اظهار ڪيو. هن ان موقعي تي چيو ته اپ??زيشن ان فٽ آهي، مئچ نه کيڏي سگهندي، لانگ ۽ شارٽ مارچ ڪندڙن ک?? به چوندس ته پنهنجي گاڏي پڪڙين ۽ جلدي سان ٽيسٽ ڪر??يٽ ڏسڻ اچن، انهن ??ي فري پاس ڏينداسين، انهن ???? به عام ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي اهو چوڻ جي قابل ٿين ته اه?? به عام ماڻهن سان گڏ بيٺل آهن، اسان هر ڀيري ڏسندا آهيون ته ڀلي اهو پئسو ڦرڻ جو معاملو هجي، گورننس جو معاملو هجي يا راندين جو اسان جي اپ??زيشن سدائين عوام جي خلاف ئي بيٺل هوندي آهي ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۾ ڪر??يٽ بحال ٿي رهي آهي ايترو وڏو ايونٽ ٿي رهيو آهي، اپ??زيشن جو اهو ئي رويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جي قيادت کي چوندس ته انهن ??ي هڪ فري باڪس ڏينداسين ۽ اهي چار ڏينهن آرام سان مئچ ڏسن ۽ ان کانپوءِ پنهنجي اسٽريٽجي ٺاهين ڇو ته ماڻهو ته انهن جا پورا نه ٿي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انڊين ڪر??يٽ ٽيم به هتي اچي، پاڪستان ۾ زبردست مئچز ٿيڻ گهرجن ۽ بجاءِ ان جي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪر??يٽ کي روڪيو وڃي اسان کي پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪر??يٽ کي سپورٽ ڪرڻ ۽ راندين کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن ??يو ته منهنجو اهو مڃڻ آهي ته ڀارت ۾ به اهڙا آواز هوندا جيڪي شدت پسندي کي رد ڪن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وزير ڪر??يٽ جي بحالي تي پي سي بي، سي اي، آءِ سي سي عملدارن جا ٿورا مڃيا. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پڻ رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪر??يٽ جي بحالي تي خوشي جو اظهار ڪيو.
آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آئي آهي، ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي خوش آئند آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام