اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خوبصورت ملڪ پاڪستان ۾ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ميمبرن جي آجيان ڪريون ٿا، پنهنجي دو??ي دوران توهان اسان جي لاهور ۽ ڪراچي جي ديسي کاڌن مان لطف اندوز ٿي سگهو ٿا، واضح رهي ته ڪرڪيٽ آسٽريليا آسٽريلين مينز ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي دو??ي دوران ٽي ٽيسٽ ميچ، ٽي هڪ ڏينهن واري ميچ ۽ هڪ ٽي 20 انٽرنيشنل ميڇ کيڏندي.
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری