اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي ۽ نه ئي حال، جڏهن ڪو سياستدان پنهنجي پيرن تي بيه?? سياست نه ٿو ڪري سگهي ته ان کي افواهن جو سهارو وٺڻو هوندو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان به قياس آرائين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گهرو وزير جي ڪتاب ”لال حويلي کان گڏيل قومن تائين – سياست جا 50 سال“ جي مهورتي تق??يب کي خطاب ۽ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته مستقبل جا سياستدان ڪي ٻيا آهن، اهو سلسلو زرداري ۽ نواز شريف کانسواءِ ئي اڳتي هلڻو آهي. ان کان اڳ تق??يب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ رشيد احمد اسان ج?? سياست جو روشن رخ آهي، هن سدائين ملڪ?? سياست جو روشن رخ اجاگر ڪيو. چوڌري فواد حسين شيخ رشيد احمد ج?? سي??سي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شيخ رشيد احمد 1977ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي، ان وقت کان وٺي اڄ تائين هو ملڪ?? سياست جو محور رهيو آهي. هن چيو ته هڪ سي??سي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجو سفر شروع ڪندڙ شخص اڄ ملڪ جي ناليواري شخصيت آهي. هن چيو ته شيخ رشيد احمد جنهن پوزيشن تي به هجي پاڪستان جي ميڊيا کيس ڏسي ۽ ٻڌي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مستقبل جو تجزيو ڪرڻ ۽ پاڪستان ج?? سياست جو رخ تعين ڪرڻ ۾ شيخ رشيد احمد جو آواز اهميت رکي ٿو، شيخ رشيد احمد جي ڪتاب ۾ شيخ رشيد احمد پنهنج?? سي??سي سفر جي ڪهاڻي پيش ڪئي، ڪتاب جي ڪامياب مهورتي تق??يب تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
نواز شريف ۽ زرداري ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي ۽ نه ئي حال: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر