ملڪ ۾ صنعتڪاري کانسواءِ معاشي ترقي ممڪن نه آهي: وزيراعظم عمران خان


APP48-101221 KARACHI: December 10 - Prime Minister Imran Khan addressing during the inauguration of PVC-III of Engro Polymer and Chemicals at the Governor House. APP Photo by Saeed Qureshi

ڪراچي – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ صنعتڪاري کانسواءِ معاشي ترقي ممڪن نه آهي اهو ئي سب آهي ته موجوده حڪومت صنعتي شعبي کي فروغ ڏنو، اينگرو پوليمر اينڊ ڪيميڪلز PVC-III جي گورنر هائوس ۾ منعقد افتتاحي تقريب ۾ خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت بنيادي طور تي ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي ڌيان ڏنو آهي. عمران خان چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ ملڪ جي آبادي به وڌي جنهن جي نتيجي ۾ وسيلن جي گهرج ۾ اضافو ٿيو، آبادي ۾ اضافي جي ڪري ملڪ اهي شيون درآمد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو جيڪي پهرين ڪڏهن درآمد نه ڪيون ويون، موجوده حڪومت ملڪ جي زرعي پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏنو. وزيراعظم چيو ته 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، بدقسمتي سان گذريل دورن ۾ ملڪ جي صنعتي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو، هن چيو ته جيڪڏهن ماضي ۾ روانگي واپار کي فروغ ڏنو وڃي ها ته جهڙي طرح موجوده حڪومت ان شعبي کي مراعتون ڏنيون آهن ته ملڪ کي معاشي بحران جو منهن نه ڏسڻو پوي ها، موجوده حڪومت جي دور ۾ ملڪي روانگي واپار ۾ زبردست ۽ تاريخي اضافو ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ درآمدات جي متبادل تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ درآمدات کي گهٽ ڪرڻ تي به ڀرپورڪم ڪري رهي آهي، ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير اسد عمر، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ، صوبائي اسيمبلي ميمبر، مشهور ڪاروباري شخصيتون ۽ اينگرو جا سينئر آفيسر به موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔

متعلقہ مضامین