اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و آهي ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ مريم صفدر جي آڊيو بابت جاچ ??ڪم?? ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن ??ي رپورٽ پيش ڪن??اس??ن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ جي دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا چئنلز کي اشتهار ڏ??ڻ جو معاملو غور هيٺ آيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ مريم صفدر جي آڊيو بابت تحقيقات ??ڪم?? ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن ??ي رپورٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪن??اس??ن، فرخ حبيب چ??و ته مريم صفدر ڪجهه چئنلز کي اشتهار نه ڏ??ڻ جي ڳالهه ڪئي جاچ ڪميٽي ان ڳالهه کي به ڏسي رهي آهي ته مريم صفدر ڪهڙي حيثيت ۾ اهي هدايتون ڏنيون، مملڪتي وزير چيو ته ان ڳالهه جو به جائزو ورتو پيو وڃي ته ن ليگ جي دور ۾ اشتهار ڏ??ڻ جو ميڪنزم ڪهڙو هو، فرخ حبيب چ??و ته اشتهارن جي روڪڻ سان آزادي صحافت جي متاثر ٿ??ڻ جي رخن کي به ڏسي رهيا آهيون، ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته ڪنهن کي ته تمام گهڻا اشتهار ملي رهيا آهن ۽ ڪنهن کي نه هجڻ جي برابر آهن، ڪميٽي جي چيئرمين ن ليگ دور ۾ ميڊيا چئنلز کي ڏنل اشتهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.
مريم صفدر جي مبينه آڊيو جي انڪوائري ڪئي پئي وڃي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج