صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين انٽريڪٽو سائنس سينٽر جو افتتاح


APP54-131121 KARACHI: November 13 - President Dr Arif Alvi addressing during the launching ceremony of Dawood Foundation’s Magnificence Science Center. APP

ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پاڪستان جي سڀ کان پهرين انٽريڪٽو سائنس سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ تعليم سان گڏوگڏ شاگردن کي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ فزڪس جا عملي ورڪشاپس پڻ مهيا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر چيو ته اسان پنهنجي تڪ جي اسڪولن ۾ سائنسي ميلو منعقد ڪيو ۽ جنهن شوق سان شاگردن ميلي ۾ شرڪت ڪئي اهو ڏسڻ وٽان هو. هن چيو ته اسان کي جديد سائنسي علم ۽ رياضي ۾ شاگردن کي سهولتون ڏيڻيون پونديون ته جيئن اسان جي نئين نسل جديد دور جي گهرجن سان هڪ جهڙائي رکي سگهي. تقريب کي ميگنيفي سائنس سينٽر جي چيئرمين حسين دائود پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي صدر پاران حوصلا افزائي تي سندس ٿورا به مڃيا. بعد ۾ ڊاڪٽر عارف علوي سائنس سينٽر جو دورو ڪيو ۽ تجربيگاهن جو پڻ معائنو ڪيو.

مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس

متعلقہ مضامین