اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ جمهو??يت جي مضبوطي ۽ ووٽ جي تقدس جي بحالي چاهي ٿو، پراڻي خريد ۽ وڪري جي روايت کي پاڙ کان پٽڻو آهي، اهڙا ميمبر پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرجن جيڪي ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهن، سينيٽ اليڪشن ۽ سياست ۾ خريد ۽ وڪري جي خلاف وزيراعظم ۽ حڪومت جبل وانگر بيٺ?? آهن، عام چونڊن ۾ ال??ڪٽ??انڪ ووٽنگ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهايئندي چئي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ جمهو??يت کي مضبوط ۽ عوام کي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اهڙا ماڻهو پارليامينٽ ۾ اچن جيڪي ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهن نه ڪي اهي هڪ خاص مقصد لاءِ پارليامينٽ ۾ اچن ۽ پنهنجو خرچ ڪيل پئسو وصول ڪري وڌيڪ پئسو ٺاهين. هن چيو ته سچ سدائين غالب ايندو آهي، فيصلو انشاءُ الله حق تي ايندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ڪارڪن حق ۽ سچ سان گڏ تاريخ جي ساڄي طرف بيٺ?? آهن جڏهن ته جيڪي تاريڪ قوتن جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، اهي تاريخ جي کاٻي طرف بيٺ?? آهن ۽ تاريخ انهن کان جواب گهرندي، هن چيو ته عام چونڊن ۾ ال??ڪٽ??انڪ ووٽنگ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان جي خواهش آهي ته هر سطح تي چونڊن ۾ شفافيت اچي ڇاڪاڻ جو اسان جي ملڪ ۾ جڏهن به چونڊون ٿيون انهن تي اعتراض ٿيا.
وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ ووٽ جي تقدس جي بحالي چاهي ٿو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن