اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب بهاولپور جي تعلقي احمد پور شرقيه ۾ ٿيندڙ آئل ٽينڪر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايتن موجب زخمين کي هر ممڪن سهولتون ڏن??ون پيون وڃن، ??نجاب جو وڏو وزير محمد شهباز شريف امدادي ڪمن ۽ ريسڪيو سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي ۽ متاثرين جي هر ممڪن امداد لاءِ سمورا وسيلا ا??تع??ال ۾ آندا پيا وڃن. مختلف ٽي وي چينلن سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اهو هڪ وڏو ۽ افسوسناڪ سانحو آهي، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀني کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پورو ڌيان متاثرين جون جانيون بچائڻ تي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، ??وج ۽ ريسڪيو ادارا متاثرين جي ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil