واشنگٽن-13 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ فاڪس نيوز جي ميزبان ۽ اڳوڻي فوجي آفيسر پيٽ ھيگسته کي دفاع جو وزير نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ڊونلڊ ٽرمپ بيان ۾ چيو آھي ته پيٽ ھيگسته کي اھم ذميواري ڏيڻ آمريڪا جي دشمنن کي اهو پيغام ڏيڻ آھي ته ??سان جي فوج ھڪ ڀيرو ٻيھر عظيم ٿيندي ۽ اسان جو ملڪ پوئتي نه ھٽندو. پيٽ ھيگسته ??ھادر ۽ محب وطن چيمپئن ثابت ٿيندو جيڪو اسان جي طاقت ذريعي امن پاليسي تي ڪم ڪندو. نئين چونڊيل صدر اعلان ڪيو ته ھو نيشنل انٽيليجنس جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف کي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي سربراھي لاءِ نامزد ڪري رھيو آهي، آرڪنساس جي اڳوڻي گورنر مائيڪ ھڪابي کي اسرائيل ۾ سفير ۽ پنھنجي پراڻي دوست سٽيون وٽ ڪوف کي وچ اڀر لاءِ خصوصي نمائندو چونڊيو آهي. اعلان دوران ٽرمپ پنھنجي پھرين انتظاميا جي ڪيب??ني?? سيڪريٽري بل ميڪ گينلي کي به وائيٽ ھائوس جي وڪيل طور نامزد ڪيو. نئين چونڊيل صدر چونڊ مھم ۾ حصو وٺندڙ س??دس دوست ايلون مسڪ ۽ ر??پب??ڪن پارٽي جي وويڪ رامسوامي کي به حڪومت جي ٻاھرين ڪارڪردگي تي نظر رکڻ جا عھدا ڏنا. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ??يلون مسڪ ۽ ر??پب??ڪن پارٽي اندر اڳوڻي صدارتي اميدوار رھڻ وارو وويڪ رامسوامي ھڪ نئين حڪومتي کاتي جي ڪارڪردگي جي قيادت ڪندا. ٽرمپ چيو ته ??يلون مسڪ ۽ رامسوامي وائيٽ ھائوس کي مشورا ڏيڻ ۽ رھنمائي فراھم ڪرڻ لاءِ حڪومت کان ٻاھر ڪم ڪندا. ھن چيو ته نظام ۾ وڏي پيماني تي تعميراتي ڌانچي جي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ ۾ حڪومتي آفيس مينيجمينٽ اينڊ بجيٽ سان گڏجي ڪم ڪندا ۽ حڪومت جا ڪم ڪرڻ لاءِ اھڙا قدم کنيا ويندا جيڪي اڳ ڪڏهن نه کنيا ويا آھن.ياد رھي ته پيٽ ھيگسته فوج جي سروس دوران عراق ۽ افغانستان ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪو آھي، ھو فاڪس نيوز جي ملازمت کان اڳ منيسوٽا رياست مان 2012ع ۾ س??ني?? چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ پارليامينٽ جو ميمبر پڻ رھي چڪو آھي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران فاڪس نيوز جي ميزبان ۽ اڳوڻي فوجي آفيسر پيٽ ھيگسته کي دفاع جو وزير نامزد ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن