تهران-11 نومبر (اي پي پي) سعودي عر?? جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل فياض بن حامدالرويلي ايران جو سرڪاري دورو ڪيو ۽ ايران جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد باقري سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق م??اقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ?? دفاعي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جيڪي خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري آهن. سعودي عر?? جي چيف آف جنرل اسٽاف ايران جي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي معاملن بابت اسسٽنٽ ??يف آف اسٽاف ميجر جنرل غلام م??رابي سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جا عسڪري عهديدار به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز