آستانه –; 4 جولاءِ (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس رو?? جي هم منصب ولاديمير پيوٽن قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ملاقات ڪئي. يوڪرين ۽ غزه جنگ ۽ شام جي تڪرار جي خاتمي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. العربيه اردو مطابق ترڪيه جي ايوان صدر ٻڌايو ته ترڪيه جي صدر گذريل ڏينهن پنهنجي رو?? جي هم منصب کي آگاهه ڪيو ته سندس ملڪ رو?? ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي خاتمي جو رستو هموار ڪري سگهي ٿو . ٻنهي ڌرين لاءِ امن ممڪن آهي. ترڪيه جي صدر پنهنجي رو?? جي هم منصب کي شام تڪرار جي حل ۾ ترڪيه جي سهڪار تي راضي ٿيڻ کان پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي صدرن ترڪيه ۽ رو?? وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ يوڪرين –; رو?? جنگ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . شام ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ دهشت گردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ ڳالهيون ڪيون . ترڪيه جي صدر چيو ته سندس ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو . رو?? جي حڪومت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته رو?? جو صدر علائقائي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات لاءِ قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه پهتو . هن شنگهائي سهڪار تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي 24هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي.
ترڪيه جي صدر جي روس جي هم منصب سان ملاقات، يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados