جنيوا -16 مئي (اي پي پي )صحت جي ع??لمي کاتي چيو آهي ته دل جي شريانين جو مرض يورپ ۾ 40 سيڪڙو موت جو سبب آهي، اهو هڪ ڏينهن 10 هزار ۽ سال ۾ 40 لک فوتگين جي برابر آهي. صحت جي ع??لمي کاتي جي يورپ برا??چ جي ڊائريڪٽر هانس ڪليوگ يورپي شهرين تي زور ڏنو آهي ته هو کاڌي ۾ لوڻ ??ي مقدار گهٽ ڪن هن چيو ته لوڻ ??ي مقدار 25 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ تي عمل در آمد سان 2030 تائين دل جي بيماري تي ڪنٽرول ڪري 9 لک جانيون بچائي سگهجن ٿيون . يورپ ۾ 30 کان 79 سالن جي ڄمار جي ٽن مان ??ڪ بالغ فرد هائي بلڊ پريشر جو شڪار آهي ع??لمي صحت جي اداري جي رپورٽ موجب ان خطي ۾ عورتن جي ڀيٽ ۾ مڙدن ۾ دل جي بيماري سبب فوتگين جو انگ 2.5 ڀيرا وڌيڪ آهي .
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم