گڏيل ??ومون – 18 اپريل (اي پي پي) گڏيل ????من جي سلامتي ڪائونسل ۾ گڏيل ????من جي مڪمل رڪنيت لاءِ فلسطين جي درخواست تي ووٽنگ (اڄ) جمعي تي ٿيندي. ٻئي پاسي سفارتڪارن چيو آهي ته گڏيل ????من ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت هڪ اهڙو قدم آهي جنهن کي اسرائيل جو اتحاد?? ويٽو ڪندي روڪي ڇڏيندو ڇو جو اهو فلسطيني رياست کي موثر طريقي سان تسليم ڪرڻ جي برابر ٿي سگهي ٿو. برطانوي خابرو اداري رائٽرز مطابق سفارتڪارن چيو آهي ته 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ جو هڪ مسودو تي ووٽنگ اڄ منجهند 3 وڳي ٿيندي. سلامتي ڪائونسل طرفان ٺهراءُ جي منظوري ۾ 193 رڪني گڏيل ????من جي جنرل اسيمبلي کي سفارش ڪئ?? ويندي ته رياست فلسطين کي گڏيل ????من جي مڪمل رڪنيت ڏني وڃي. سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ جي حق ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 ووٽن جي ضرورت هوندي آهي. سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته ان قدمن کي ڪائونسل جي 13 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪو آمريڪا کي پنهنجو ويٽو استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو.
فلسطين لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي ٺهراءُ تي سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽنگ (اڄ) ٿيندي
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados