مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير ۽ سپريم حج ڪميٽي جي سربراهه شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف هلندڙ سال حج سيزن دوران سيڪيورٽي ?? فوجي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. عرب نيوز موجب مڪي ۾ حج سيڪيورٽي ڪميٽي ?? حج سيڪيورٽي فورسز جي اڳواڻن سان ملاقات دوران شهزاد عبدلعزيز چيو ته سيڪيورٽي پلان جا لاڳو ڪيل مرحلا ڪامياب رهيا آهن ۽ حج پانڌيئڙن کي مڪي تائين پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو آهي. هن وزارت جي سيڪيورٽي عملدارن ۽ نيشنل گارڊ واري وزارت، دفاع واري وزارت، جنرل انٽيليجنس پريذيڊنسي ۽ پريذيڊنسي آف اسٽيٽ سيڪيورٽي جي فوجي عملدارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي جون ڪوششون ان وقت تائين جاري رهنديون جيستائين ح?? پانڌيئڙا آساني ۽ سڪون سان پنهنجون رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي وطن واپس نٿا هليا وڃن. پبلڪ سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽر ۽ حج سيڪيورٽي ڪميٽي جي سربراهه جنرل محمد البسامي حج سيڪيورٽي پلان جي نتيجن جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هن ح?? سيزن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن سيڪيورٽي ?? عسڪري عملدار سيڪيورٽي پلان جي باقي مرحلن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهن. اهڙي طرح حاجي سڳورن جي حفاظت ۽ سلامتي کي ي??ين?? بڻايو ويندو.
حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن: سعودي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو