ڪراچي-26 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد بينظير ڀٽو جي 17هين شهادت واري ڏهاڙي جي م??قعي تي سندس بي مثال قربانين، پختي قيادت ۽ پاڪستان لاءِ پائيدار ميراث کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شهيد محت??مه بينظير ڀٽو جي زندگي جرئت، سگهه ۽ لکين پاڪستانين لاءِ اميد جو ڪرڻو هئي، جيڪا قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن سان گهرائي سان جڙيل هئي. بلاول هائوس جي م??ڊيا سيل مان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين چيو ته شهيد محت??مه صرف هڪ سياسي شخصيت نه ??ر مظلوم ۽ پُٺتي پيل طبقن لاءِ اميد جو ڪِرڻو هئي. مساوات ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ پنهنجي والد جي ويزن سان سندس پختي وابستگي ا??ان سڀني لاءِ هڪ تحريڪ آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وانگر هوءَ عوام جي طاقت تي يقين رکندي هئي ۽ پورهيتن، آبادگارن ۽ پُٺتي پيل طبقن کي قومي ترقيءَ جي بنياد سمجهندي هئي. سندس مناسب تجويز، صلاح مشوري ۽ مختلف نقطهءِ نظر کي سمجهڻ جو فلسفياڻي سوچ هڪ جديد ۽ روشن پاڪستان جو بنياد رکيو. بلاول ڀٽو زرداري، شهيد محت??مه جي م??راث کي اڳيان وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته شهيد محت??مه هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو جتي هر شهريءَ کي برابريءَ جا موقعا ۽ وسيلا حاصل ٿين، چاهي سندن پس منظر ڪجهه به هجي. اسان سندس انساني آزادي ۽ جمهوري قدرن جي فلسفي تي عمل ڪري رهيا آهيون ۽ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ پاڪستان جي ا??تحڪام کي خطري ۾ وِجهندڙ ڪنهن به قوت خلاف جدوجهد جاري رکنداسين. چيئرمين عالمي مسئلن خاص طور تي فلسطين ۽ ڪشمير جي حل طلب معام??ن تي به پنهنجي وابستگيءَ جو ورجاءُ ڪيو ۽ـ چيو ته شهيد محت??مه اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي ۽ سندس مدبرانه قيادت عالمي چئلنيجن کي م??نهن ڏيڻ ۽ مظلوم قومن جي حقن لاءِ آواز اُٿارڻ ۾ هڪ رهنما اصول طور تي ڪم ڪندي هئي. اسان انهن اهم اِشوز تي پنهنجي مؤقف تي ثابت قدم آهيون. بلاول ڀٽو چيو ته شهيد محت??مه جي زندگي ا??تقامت ۽ پنهنجي ذات کي وِساري هڪ عظيم مقصد لاءِ لڳن جو سبق ڏئي ٿي. شهيد محت??مه کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس خواب کي حقيقت بڻايو وڃي، جيڪو جمهوري، ترقي پسند ۽ جامع پاڪستان آهي، جتي هر فرد جي عزت ۽ احترام کي يقيني بڻايو وڃي. پ پ چيئرمين پارٽي ڪارڪنن ۽ قوم کي اپيل ڪئي ته هو شهيد محت??مه جي جمهوريت، رواداري ۽ سماجي انصاف جي ا??ولن سان پنهنجي وابستگي سان عهد ڪن. هن چيو ته بينظير ڀٽو جي زندگي ۽ قرباني هڪ منصفاڻي ۽ برابريءَ واري معاشري لاءِ سندس جدوجهد جو لازوال ثبوت آهي. هاڻ اها اسان جي ذميداري آهي ته سندس خواب کي حقيقت ۾ بدلايون، جنهن ۾ پاڪستان سياسي، سماجي ۽ معاشي ا??تحصال کان پاڪ هجي. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن محت??مه جي انصاف تي ٻَڌل پاڪستان جو ويزن حقيقت بڻجندو.
بينظير ڀٽو جي زندگي جرئت، سگهه ۽ لکين پاڪستانين لاءِ اميد جو ڪرڻو هئي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری