راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪوريا جي سامونڊي فوج پاران عربي سمنڊ ۾ گڏيل فوجي مشقون منعقد ڪيون ويون. مشقن ۾ پاڪستاني سامونڊي فوج جي جنگي جهاز ذوالفقار جڏهن ته ڪورين سامونڊي فوج جي جنگي جهاز وينگ ??ي اون ??رڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر مو??ب مشق دوران مختلف سامونڊي آپريشنز جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جو مقصد گڏيل آپريشنز جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ پيشوراڻن رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. ٻئي جهاز ڪمبائنڊ ميري ٽائم فورسز تحت ڪمبائنڊ ٽا??ڪ فورس (سي ٽي ايف-150) ۽ (سي ٽي ايف-151) تحت آپريٽ ڪري رهيا آهن. (سي ٽي ايف-150) ۽ (سي ٽي ايف-151) جو مقصد سمنڊ ۾ منشيات ??ي اسمگلنگ ۽ سامونڊي ڌاڙيلن جهڙين غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ آهي. سامونڊي مشقون ??لائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي سامونڊي فوج جي عزم جو مظهر آهن. پاڪ بحريه خطي ۾ هر طرح جي روايتي ۽ غير روايتي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
پاڪستان ۽ ڪوريا جي سامونڊي فوج پاران عربي سمنڊ ۾ گڏيل فوجي مشقون منعقد
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار