اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان شام ۽ الجيريا جي سفيرن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب اسپيڪر چيو ته پا??ستان ۽ شام وچ ۾ تاريخي ڀاراڻا لاڳاپا موجود آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گهري ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي وابستگي ڏٺي وڃي ٿي. پا??ستان شام سان لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان عوامي سطح تي رابطن ۾ واڌ ٿيندي. اسپيڪر شام ۾ امن جي قيام ۽ نئين سر تعمير لاءِ پا??ستان جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو ۽ـ چيو ته پا??ستاني زيارتين جو وڏو انگ هر سال زيارت لاءِ شام جو سفر ڪري ٿو. پا??ستاني زيارتين کي سهولتن جي فراهميءَ تي شام جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون. اسپيڪر دمشق ۽ لاهور وچ ۾ سيرين ايئرويز جي اُڏامن کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. شام جي سفير چيو ته شام پا??ستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شام جي حڪومت پا??ستان سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، شامي سفير ڊاڪٽر رميز الرائي چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پا??ستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ڪووڊ 19 جي وبا دوران پا??ستان طرفان شام جي ضروري طبي اوزارن ۽ دوائن جي فراهميءَ تي پا??ستان حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. بعد ۾ اسپيڪر سان الجيريا جي سفير ابراهيم روماني پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. الجيريا ۽ پا??ستان جي عوام گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ جي اڻٽٽ رشتن ۾ ٻَڌل آهي. پا??ستان پارلياماني ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏئي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. سردار اياز صادق چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ انتهائي اهميت رکي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطا ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پا??ستان الجيريا سان اقتصادي، واپاري ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسپيڪر چيو ته پا??ستان الجيريا سميت سمورن آفريقي ملڪن سان پنهنجن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. پا??ستان لُڪ آفريقا پاليسيءَ تحت الجيريا ۽ ٻين آفريقي ملڪن سان رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. اسپيڪر فلسطين ۽ ڪشمير ۾ جاري اسرائيلي ۽ ڀارتي ڏاڍ جي مذمت ڪندي چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير مسئلو جي حل ٿيڻ کانسواءِ خطي ۾ امن جو قيام ممڪن ناهي. مسلم ملڪن کي اُمت کي درپيش چئلينجز لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته الجيريا جي سفير ابراهيم روماني اسپيڪر جي الجيريا لاءِ تاثرن تي ٿورو مڃيو. پا??ستان هڪ اسلامي ملڪ آهي. الجيريا پا??ستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان شام ۽ الجيريا جي سفيرن جون ڌار ڌار ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo