اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي آذربائيجان جي دوري دوران ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي ۽ ماحولياتي تب??يل?? جي حوالي سان عالمي معاشي واعدن جي تڪميل تي زور ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان پاران گليشيئرز جي تح??ظ جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تح??ظ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم ان موقعي تي ڊينمارڪ، چيڪ ريپبلڪ جي وزيراعظمن ۽ آذربائيجان جي صدر سان ٻطرفيون م??اق??تون ڪيون. وزيراعظم جي ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيراعظم، گڏيل عرب امارات، تاجڪستان، ازبڪستان، قازقستان، نيپال جي صدرن سان غيررسمي م??اق??تون پڻ ٿيون.
وزيراعظم پنهنجو آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن